پنجاب ۽ ڪي پي ۾ اليڪشن ملتوي ٿيڻ بابت ڪيس:جسٽس امين طرفان ڪيس ٻڌڻ کان معذرت، لارجر بينچ ٽُٽي پئي

0
273
وفاقي سرڪار پاران چونڊون

پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊون ملتوي ٿيڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي هلائيندڙ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ ٽٽي پئي، بينچ جي ميمبر جسٽس امين الدين ٻڌڻيءَ جو حصو ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي

 ٻڌڻيءَ جي شروعات تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جسٽس امين الدين ڪجهه چوڻ چاهي ٿو، جسٽس امين الدين چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاران پاڻمرادي نوٽيس وارن ڪيسز بابت گذريل ڏينهن فيصلو ٻڌايو ويو، ان فيصلي باوجود بينچ ڪارروائي جاري رکڻ چاهي ٿي

هن جو چوڻ هو ته  مان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي فيصلي جي روشني ۾ هي ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪيان ٿو، جسٽس امين الدين جي بينچ کان ڌار ٿيڻ بعد باقي جج به ڪورٽ روم مان اٿي ويا

بينچ ٽٽڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر چيو ته اسان قياس آرائيون ڪرڻ  نه ٿا چاهيون، اليڪشن ملتوي ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي هاڻي نئين بينچ ٺهڻ کانپوءِ ئي ممڪن ٿيندي

چيف جسٽس ۽ سينيئر جج گڏجي جيڪو فيصلو ڪندا ان مطابق اسان پيش ٿينداسين، هڪ فيصلو اچي چڪو هو جنهن تي مختلف ججز جا مختلف رايا آهن، بهتر آهي ته جج پاڻ ۾ مشاورت سان فيصلو ڪن

هي به پڙهندا

سياسي گرمي پد گهٽجڻ تائين پرامن ۽ شفاف چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن: چيف جسٽس