ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تعليم کاتي ۾ تازو 18هين گريڊ ۾ ترقيون ماڻيندڙ 4 ڪامورن کي پوسٽنگ  ملي وئي ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پرويز تنيو کي آر ايس يو ۾ سينيئر پروگرام مينيجر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مدن لال، طارق تنيو ۽ فرخ وارثي کي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايچ آر مقرر ڪيو ويو آهي.