لاهور (م ڊ) چوڌري پرويز الاهي اينٽي ڪرپشن ڪيسن ۾ ضمانت لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي آهي. لاهور جي عدالت ۾ داخل درخواست ۾ چيو ويو آيه ته کيس عدالت ۾ پيش نٿو ٿيڻ ڏنو وڃي. عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي. هن چيو ته کيس ضمانت منظور ڪري عدالتن ۾ پيش ٿيڻ جو موقعو ملڻ گھرجي. هوڏانهن اينٽي ڪرپشن پوليس ڪالهه به چوڌري پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپوهنيو. ان موقعي تي گھر جي تلاشي ورتي وئي.