تعليمي ماهر ۽ شاعره نائلا گل ”سپنا“ قاضيءَ جي ورسي تي کيس ڀيٽا پيش

0
222
تعليمي ماهر ۽ شاعره نائلا گل ”سپنا“ قاضي
تعليمي ماهر ۽ شاعره نائلا گل ”سپنا“ قاضيءَ جي ورسي تي کيس ڀيٽا پيش

لاڙڪاڻو (ڪلچرل رپورٽر) نائلا گل ”سپنا“ قاضي هڪ گهڻ رخي شخصيت جي مالڪ هئي، جنهن جو تعلق معروف علمي، ادبي گهراڻي سان هو. هوءَ سٺي شاعر، نثر نويس، آرٽسٽ ۽ ڪمپيئر سان گڏوگڏ ڪيترين ئي خوبين جي مالڪ هئي. هڪ ئي وقت ڪنهن ماڻهوءِ ۾ ايترين خوبين جو هئڻ الله جي ڏات آهي، جيڪا ڪنهن ڪنهن کي نصيب ٿيندي آهي

اهڙن خيالن جو اظهار پروفيسر ثمينه ناز ابڙو، گورنمينٽ بيگم نصرت ڀٽو گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾، لاڙڪاڻو لٽرري سوسائٽيءَ طرفان منعقد ڪيل سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري شاعره، تعليمي ماهر، خطاط، استاد ۽ ڪمپيئر، پروفيسر نائله گل ”سپنا“ قاضيءَ جي ٽئين ورسيءَ جي تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو

هن وڌيڪ چيو ته سپنا جي وڇوڙي جي صدمي مان اسان اڃا تائين نڪري ناهيون سگهيا ۽ اڄ به ايئن ئي سمجهندا آهيون ته ڄڻ هوءَ اسانجي آسپاس ئي موجود آهي ۽ اسان کي اجھو پنهنجي ڪا ڪهاڻي يا ڪوتا ٻڌائڻ ايندي. هن وڌيڪ چيو ته اسان لاڙڪاڻو لٽرري سوسائٽيءَ طرفان سندس شاعريءَ جو مجموعو شايع ڪرائي ايندڙ سال سندس ورسيءَ جي موقعي تي پڌرو ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا

ان موقعي تي ”گومي ٻائي ليڊيز ڪلب“ ۽ پ پ پ ليڊيز ونگ جي اڳواڻ ڊاڪٽر پرهه سڪينه گاد خطاب ڪندي چيو ته اديبَ، شاعر ۽ مصوّر ڪڏهن ناهن مرندا. اهي پنهنجي لکڻين ۽ فنپارن جي صورت ۾ هميشه زنده رهندا آهن. سپنا گل جي شخصيت به انڪري وسارڻ جهڙي ناهي. ايئن نه سمجھيو وڃي ته هوءَ سپنو بڻجي هوا ۾ وکري وئي آهي، بلڪه سندس يادون ۽ لکڻيون اسان سان گڏ آهن ۽ سدائين گڏ رهنديون، جن سبب هوءَ اسان جي دلين ۾ به هميشه زنده رهندي

رضوان گل پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته نائلا گل سنڌي ادب جو چمڪندڙ ستارو آهي. سندس وڇوڙو جيءُ جهوريندڙ آهي. سندس لکڻين جي انفراديت ۽ سندس فني توڙي فڪري برجستگي کيس طبعي طور وڇڙڻ جي باوجود ساهت ڏيهه کان ڪڏهن به وسرڻ نه ڏيندي. تقريب کي گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج نئين ديري جي پرنسپل پروفيسر فهيم انصاري، گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج قنبر جي پرنسپل پروفيسر نفيس انصاري، پروفيسر سيّده نزهت شاهه، پروفيسر اعجاز علي جمالي، نور ملائڪ بروهي، بشريٰ علي شر ۽ ٻين خطاب ڪري سپنا گل جي شخصيت، ادبي خدمتن ۽ فن تي روشني وجهندي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي

تقريب ۾ پروفيسر فهميده بروهي، عابده پروين منگي، طاهره منگي، صبا ڪوثر عباسي، پروفيسر غلام عباس مغيري، پروفيسر عامر علي ڀٽي، پروفيسر امتياز علي ڀٽي، شاهد حسين ڀٽو سميت ڪاليج جي استادن توڙي شاگردياڻين سان گڏ مقامي اديبن، شاعرن ۽ ساڃاهه وندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کان اڳ سپنا گل جي تصوير آڏو گل نڇاور ڪري، ڏيئا ۽ ميڻ بتيون ٻاري کيس ڀيٽا پڻ پيش ڪئي وئي.