تاحيات نا اهلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

0
228
سپريم ڪورٽ: صدارتي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ بار جي صدر احسن ڀون تاحيات نااهلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته تاحيات نااهلي جو اصول رڳو چونڊ تڪرارن ۾ استعمال ٿيڻ گهرجي، آئين جي آرٽيڪل 184/3 تحت سپريم ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ جي حيثيت سان پنهنجا معاملا هلائي نٿي سگهي ۽ ان کي عدالتي فيصلن خلاف اپيل ڪرڻ جو به حق نٿو ملي، اهو انصاف جي اصولن جي خلاف آهي

درخواست ۾ چيو ويو ته اپيل جي حق کان سواءِ عمر بھر جي نا اهلي بنيادي حقن آهي ۽ لاڳاپيل تڪن جي ووٽرن جو حق به کسيو پيو وڃي

 احسن ڀون طرفان داخل درخواست ۾ وفاق کي ڌر بڻايو ويو آهي، واضح رهي ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ۽ جهانگير ترين هن وقت تاحيات نااهل آهن