احتجاج پي ٽي آءِ جو حق آهي پر خاطري ڪرايو ته امن امان برقرار رهندو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

0
279
تحريڪ انصاف کي جلسي جي اجازت

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت نه ڏيڻ خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، عدالت جو چوڻ آھي تھ احتجاج پي ٽي آءِ جو حق آهي پر خاطري ڪرايو ته امن امان برقرار رهندو

 ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد جهانگير جدون چيو ته پي ٽي آءِ جي 25 مئي واري ريلي ۾ نقصان ٿيو هو ۽ پوليس وارا زخمي ٿيا هئا، هنن طئي ٿيل ضابطن ۽ شرطن جي ڀڃڪڙي ڪئي، اسان هنن تي اعتماد نه پيا ڪيون، پي ٽي آءِ وارا ٽي چوڪ تي جلسو ڪري سگهن ٿا

پي ٽي آءِ جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته ٽي چوڪ اصل ۾ جي ٽي روڊ آهي، هنن ريڊ زون کي هاڻي وڌائي ڇڏيو آهي، جسٽس عامر فاروق چيو ته هي جيڪا جڳهه توهان کي ڏين اتي اهو ڪجهه نه ٿيندو جيڪو اڳ ٿيو هو، ڇا ٿا چئو؟

 ايڊوڪيٽ جنرل اسلام آباد چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين سان رابطي تائين اسان هنن تي اعتماد  نه ٿا ڪري سگهون، هاڻي ته هي چون ٿا 10 مهينا رهنداسين، ڪا مقرر تاريخ هنن کي ٻڌائڻي آهي

عدالت چيو ته جڳهه جيڪا به هجي توهان خاطري ڪرايو ته امن امان برقرار رکيو ويندو، ائين نه ٿئي جو چيو وڃي ته اهو ڪراچي يا لاهور وارن ڪيو آهي، توهان خيال ڪندئو ته روڊ بلاڪ نه ٿين، شهرين کي ڏکيائيون پيش نه اچن، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو

ھي به پڙھندا

اسلام آباد پهچڻ کانپوءِ به تحريڪ ختم نه ٿيندي: عمران خان

عمران خان کان 25 مئي واقعن بابت وضاحت طلب