اسلام آباد پهچڻ کانپوءِ به تحريڪ ختم نه ٿيندي: عمران خان

0
207
اسلام آباد پهچڻ کانپوءِ به تحريڪ ختم نه ٿيندي
اسلام آباد پهچڻ کانپوءِ به تحريڪ ختم نه ٿيندي: عمران خان

گکڙ: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسان جي تحريڪ اسلام آباد پهچڻ کانپوءِ به ختم نه ٿيندي، جيستائين نيون چونڊون نٿيون ٿين، تحريڪ جاري رهندي


هن چيو ته چونڊن جي تاريخ نه ملي ته 10 مهينن تائين به هي تحريڪ جاري رکي ويندي
پنجاب جي علائقي گکڙ ۾ لانگ مارچ کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته شريف خاندان جا سمورا چور آجا ٿي ويا، آصف زرداري خلاف به ڪيس ختم ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، ان جو ذميوار ڪير آهي؟
هن چيو ته هڪ وڏي چور کي به اين آر او ملڻ وارو آهي، سڀ خبر آهي ته چورن کي اسان جي مٿان ڪنهن مڙهيو
عمران خان وڌيڪ چيو ته جيڪي نيب کي ڪنٽرول ڪندا هئا، اُنهن ئي موجوده حڪمرانن کي مڙهيو آهي

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ پاران لانگ مارچ جو نئون شيڊول جاري

عمران خان ۽ سندس ڪوچ غلط فهمي ۾ نه رهن، بندوق جي زور تي بليڪ ميل نه ٿينداسين: جاويد لطيف

عمران خان کان 25 مئي واقعن بابت وضاحت طلب

نومبر ڳرو ۽ فيصلائتو مهينو ثابت ٿيندو: شيخ رشيد