عمران خان کان 25 مئي واقعن بابت وضاحت طلب

0
218
عمران خان کان 25 مئي

سپريم ڪورٽ عمران خان کان 25 مئي جي واقعن بابت وضاحت طلب ڪري ورتي، 5 نومبر تائين تفصيلي جواب ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

چيف جسٽس آف پاڪستان رمارڪس ۾ چيو ته عدالت پي ٽي آءِ جي خاطري تي حڪومت کي رنڊڪون هٽائڻ جي هدايت ڏني هئي

چيف جسٽس  رمارڪس ڏنا ته 10هزار ماڻهو گهرائي 2 لک ماڻهن جي زندگي عذاب نه ٿي بڻائي سگهجي، فيض آباد ڌرڻي دوران ايمبولنس ۾ ماڻهو مري ويا هئا، جمهويت کي مڃيندڙ اهڙو احتجاج  ناهن ڪندا

جسٽس اعجاز الحسن چيو ته تحريڪ انصاف عدالتي حڪم جو غلط استعمال ڪيو، عدالت پي ٽي آءِ قيادت ۽ ڪارڪنن کي تحفظ ڏنو هو،عدالتي حڪم تي حڪومت رڪاوٽون هٽايون

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ پاران لانگ مارچ جو نئون شيڊول جاري

نومبر ڳرو ۽ فيصلائتو مهينو ثابت ٿيندو: شيخ رشيد