برسات ۽ ٻوڏ دوران ڊيم ٽٽڻ جا ذميوار آبپاشي آفيسر قرار

0
208

چوماسي جي طوفاني وسڪارن دوران بلوچستان ۾ ڊيمز ٽٽڻ وارن واقعن جي جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي

جاچ رپورٽ ۾ ڊيم ٽٽڻ جو ذميوار آبپاشي کاتي جي آفيسرز ۽ ڪنسلٽنٽس کي قرار ڏنو ويو

بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ڊيم ٽٽڻ جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ معائنه ٽيم جوڙي هئي، جنهن جاچ مڪمل ڪري رپورٽ تيار ڪري ورتي

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آبپاشي کاتي جي اختيارين پاران ناقص انتظام ڪرڻ سبب ڊيم ٽٽا

بلوچستان ۾ برسات  ۽ ٻوڏ سبب ڊيم ٽٽا هئا، جن وڏي تباهي آندي هئي

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ ٻوڏ سبب 20 لک ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿي آهي: سردار شاھ جو اعتراف