بڪيراشريف (ن پ ا) بڪيراشريف لڳ پوليس  ڳوٺ سانول خان مري ۾ ڏاڏو مري جي گهر تي چڙهائي ڪئي، ڪارروائي دوران  پوليس گهر ۾ بيٺل مال مان 2 مينهون،2 ٽيهاڻو ڪاهي ويا، ان حوالي سان ايس ايچ او سردار چانڊيو ٻڌايو ته جنهن ڳوٺ ۾ چڙهائي ڪئي آهي، اتي چوري ٿيل مينهن گهر اندر بيٺل هئي، جيڪا پوليس ريڪور ڪئي آهي. جڏهن ته جوابدار هٿ نه آيا، ٻئي پاسي ڳوٺ سانول خان مري جي رهواسين عابد مري، امتياز مري، عبدالله مري ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانيهندي چيو ته پوليس بنا جواز گهرن تي چڙهائي ڪري اسان جو بيٺل چوپايو مال زبردستي ڪاهي وئي آهي، هنن الزام هنيو ته پوليس شناختي ۽ هڪ موٽر سائيڪل به کڻي وئي آهي.