مورو (ن پ ا) مورو ۾ تاريخي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول اردو مورو ڪئمپس ۽ گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول پير رحمت الله جي بلڊنگ تي بااثر ماڻهن طرفان قبضو ڪرڻ خلاف استادن، ليڊي ٽيچرز، رٽائر استادن، والدين، شاگردن ۽ شاگردياڻين احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اقبال شيخ، رشيد قريشي، امين يوسفزئي، آفتاب پٺاڻ، شفيق راجپوت، شڪيل راجپوت، منور راجپوت ۽ ٻين چيو ته اردو اسڪول قديمي آھي، جيڪو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جو آهي، اسڪول تي شهر جا ڪجهه با اثر ماڻهو پنهنجي ملڪيت ڄاڻائي ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي زبردستي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا ۽ استادن کي ڌمڪيون  ڏئي رهيا آهن، هنن چيو ته انتظاميا کي قبضي بابت شڪايت ڪرڻ باوجود ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو، هنن مطالبو ڪيو ته تاريخي اسڪول تي قبضي جي ڪوشش جو نوٽيس وٺي قبضي گيرن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.