ڄام نوازعلي (ن پ ا) سڪرنڊ مان بروهي برادري جي گهرن مان ٿيل لکين رپين جي چوري جا جوابدار نئون آباد واسي نڪتا، خبر موجب هڪ هفتو اڳ سڪرنڊ شهر مان نامعلوم چور بروهي برادري جي گهرن ۾ گهڙي سونا زيور، لکين رپيا روڪ رقم، موبائل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا هئا، پوليس موبائيل فون ٽريس ڪرڻ بعد فون جي لوڪيشن وسيلي نئون آباد شهر واسي چورن جو پتو لڳايو، ذريعن موجب چورن ۽ ڀاڳين ۾ نامعلوم هنڌ ڳالهيون ٿيون، جنهن ۾ چورن بروهي برادري کي سموري چوري واپس ڪرڻ لاءِ پنج ڏينهن جي مهلت گهري آهي، رابطو ڪرڻ تي نئون آباد پوليس ٻڌايو ته اطلاع مليا آهن، چوري واقعي ۾ ملوث چورن جو ڪنهن نامعلوم هنڌ جرڳو ٿيو آهي، باقي فريادي ڌر پوليس وٽ ناهي آئي، جيڪڏن آئي ته قانوني ڪارروائي ڪنداسين.