اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بيان حلفي ڪيس ۾ رانا شميم تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، فرد جرم کان اڳ جاچ ڪرائڻ ۽ پراسيڪيوٽر جي تبديلي واري درخواست  به رد، رانا شميم پاران ڏوهه مڃڻ کان انڪار، چيف جسٽس اسلام آباد اطهر من الله جي صدارت هيٺ گلگت جي اڳوڻي چيف جج جسٽس رانا شميم جي بيان حلفي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڪيس ۾ نامزد جنگ گروپ جو مالڪ مير شڪيل، سينيئر صحافي انصار عباسي ۽ عامر غوري به شريڪ ٿيا، صحافين تي فرد جرم ملتوي ڪيو ويو، ٻڌڻي جيئن ئي شروع ٿي ته چيف جسٽس عدالت ۾ موجود رانا شميم کي روسٽرم تي گهرائيندي چيو ته اوهان تي فرد جرم لاڳو ڪري رهيا آهيون، اوهان فرد جرم ٻڌو، چيف جسٽس فرد جرم پڙهندي چيو ته اوهان انگلينڊ ۾ بيان حلفي رڪارڊ ڪرايو، اوهان چيو ته چيف جسٽس ثاقب نثار موڪلن تي گلگت بلتستان آيو هو. ٻڌڻي دوران رانا شميم استدعا ڪئي ته توهين عدالت جو فرد جرم لاڳو ڪرڻ بدران حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ جاچ ڪرائي وڃي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته رانا صاحب اوهان ماشاءُ الله چيف جج رهي چڪا آهيو، اوهان به توهين عدالت جا ڪيس ٻڌا هوندا، اوهان کي خبر آهي ته فرد جرم جو مطلب آهي ته اوهان کي موقعو ملندو، اوهان جو الزام هن ڪورٽ بابت آهي، جنهن تي رانا شميم چيو ته مون ڪڏهن توهين عدالت جو ڪيس ناهي ٻڌو، آئون ان تي يقين نٿو رکان، آئون ته اوهان ۽ جسٽس فاروق سامهون پيش ٿيندو رهيو آهيان، آئون ۽ اٽارني جنرل جو والد صاحب گڏجي پريڪٽس ڪندا رهيا آهيون، مونکي خبر ناهي ته هي ڇو پهرين ڏينهن کان منهنجي خلاف آهن؟ چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته هن عدالت جي گهڻي بي توقيري ڪئي وئي آهي، هن عدالت سان ڪنهن کي ڪو مسئلو آهي ته سامهون اچي، عدالت جي احترام کي سامھون رکي ڪارروائي اڳتي هلائي وڃي، هن عدالت کي فوڪس ڪري بيانيو بڻايو ويو ته جج ڪمپرومائيزڊ آهن، هڪ آئيني عدالت سان تمام گهڻو مذاق ڪيو ويو آهي، عدالت ۾ ھاءِ ڪورٽ جي ڪوريج ڪندڙ صحافين جي تنظيم جي صدر چيو ته اٽارني جنرل سميت ٻين جو موقف هو ته صحافين جي حد تائين تحمل وارو رويو اختيار ڪيو ويو، اسان مستقبل ۾ خيال ڪنداسين، سينيئر صحافي افضل بٽ چيو ته جنهن نقطي تي فوڪس ڪرڻ گهرجي ها ان تي بدقسمتي سان فوڪس ناهي ڪيو ويو، زير التوا ڪيسن جي رپورٽنگ ۽ تبصرن تي صحافين جون ميٽنگز ٿي رهيون آهن، اسان عدالتي معاملن تي اڳتي خيال ڪنداسين، چيف جسٽس چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته اوهان صحيح ناهي ڪيو پر هنن جو موقف آهي ته هنن صحيح ڪيو آهي هر عدالت ڪجهه نه لڪائيندي جولاءِ 2018 کان هن وقت تائين ٻڌايو وڃي ته ڪهڙو حڪم ڪنهن جي چوڻ تي جاري ٿيو آهي هي عدالت بي توقيري ڪرڻ جو لائسنس ڪنهن کي به جاري نه ٿي ڪري سگهي، بيانيي سبب التوا هيٺ پيل ڪيس تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، هي عدالت اوپن احتساب تي يقين رکي ٿي. افضل بٽ چيو ته اسان صحافي يقين ٿا ڏياريون ته اسانکي عدالت مٿان مڪمل اعتماد آهي، عدالت ئي اسانجي آخري اميد آهي، چيف جسٽس چيو ته ڪا غلطي ٿي هئي ته عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي ها، هن عدالت جو اعتماد وڃائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪو بحال ڪرائڻو آهي عدالت سان ايئن نه ڪريو، عدالت ڪنهن جج کي فيور نه ڏئي رهي آهي، اظهار راءِ جي آزادي نه هوندي ته هي عدالت به نه هوندي. اٽارني جنرل چيو ته منهجي استدعا آهي ته رانا شميم جي حد تائين فرد جرم ڪريو، باقي ٻين خلاف فرد جرم ملتوي ڪيو وڃي، هن سڄي عمل ۾ عدالت کي فوڪس ڪيو ويو، اڄ پهريون ڀيرو ميڊيا کي پنهجن لفظن تي ندامت آهي، رانا شميم جو به فيئر ٽرائل ٿيڻ گهرجي، ڪڏهن ڪڏهن انسان سڌي يا اڻ سڌي طرح استعمال ٿي ويندو آهي، عدالتي معاون فيصل صديقي ايڊووڪيٽ چيو ته صحافين جي تنظيمن پاران جيڪو بيان ڏنو ويو آهي، ان مان لڳي ٿو هو مستقبل ۾ خيال ڪندا، صحافين خلاف فردم جرم نه ٿيڻ گهرجي پر ايئن به صحيح ناهي ته هڪ ڌر مٿان فرد جرم لاڳو ٿئي ٻين مٿان نه، هن ڪيس جي سمورن ڌرين کي ندامت هجن گهرجي، رانا شميم ڳالهائيندي چيو ته بيان حلفي ۾ موجود ڳالهه سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي ان لاءِ نه ٻڌائي جو ان وقت ثاقب نثار پاڻ ڪائونسل جو سربراهه هو ۽ واقعو پاڪستان جي حدن کان ٻاهر پيش آيو، بيان حلفي ۾ موجود ڳالهين جي جاچ ڪرائي وڃي، عدالت فرد جرم کان اڳ جاچ ڪرائڻ ۽ پراسيڪيوٽر جي تبديلي واري رانا شميم جي درخواست به رد ڪندي مٿس فرد جرم لاڳو ڪيو، جڏهن ته رانا شميم ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو، عدالت ٻڌڻي 15 فروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.