ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سعودي سفارتڪار حسن القحطاني جي قتل وارو معاملو، سي ٽي ڊي ايران کان 3 گھربل  دهشتگردن جي معلومات گھري ورتي. سي ٽي ڊي ذريعن ٻڌايو آهي ته ايران کان گھربل دهشتگرد علي مستحسن، رضا امام ۽ وقار احمد بابت معلومات گھري وئي آهي، انهي لاءِ ايران کي خط به لکيو ويو آهي، ٽئي دهشتگرد واردات بعد ايران فرار ٿي ويا هئا، ٽنهي دهشتگردن جي پاڪستان اچڻ جي ٽريول هسٽري موجود ناهي، جڏهن سندن گھرڀاتي ٻاهرين ملڪ ويندا رهيا آهن. واضح رهي ته 16 مئي 2011ع  تي ڊفينس ۾ سعودي سفارتڪار حسن القحطاني کي قتل ڪيو ويو هو