اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾بي اين پي مينگل جي آغا حسن بلوچ ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان ۾ انساني حقن جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي، اسان کي جيئڻ جو حق نه پيو ڏنو وڃي، مارٽر حملي ۾ 2 ٻار شهيد ٿيا آهن، بلوچستان ۾ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي لاپتا ڪيو ويو، جن ۾ 2 عورتون به شامل آهن، بلوچستان جي وڏي وزير خلاف عدم اعتماد جي رٿ آندي پئي وئي، جڏهن انهن کي معلوم ٿيو ته وزيراعليٰ جي حمايت ۾ ميمبر ووٽ نه ٿا ڏين ته ميمبرن کي لاپتا ڪيو ويو، بلوچستان جي مامرن ۾ مداخلت نه ڪئي وڃي، بلوچستان جي مسئلن کي سياسي طور حل ڪيو وڃي.