بلوچستان جي ڳوٺن ۾ علم جي روشني پکيڙيندڙ اٺ ڪورونا ۾ ٻارڙن جو ساٿي

0
291

ڪوئيٽا (دلچسپ نيوز) بلوچستان جي ڳوٺن ۾ علم جي روشني پکيڙيندڙ اٺ ڪورونا ۾ ٻارڙن جو ساٿي بڻجي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هن وقت ڪورونا وبا سبب سموري دنيا جو تعليمي نظام سخت متاثر آهي اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان جي صوبي بلوچستان جٿي انتهائي غربت ۽ پسماندگي آهي تعليم مڪمل ٺپ ٿيل آهي. اهڙي صورتحال ۾ هڪ هاءِ اسڪول جي پرنسپل رحيما جلال کي ڪورونا صورتحال ۾ ٻارڙن جي پڙهائي جاري رکڻ لاءِ ڪيمل لائبريري رٿا جو خيال آيو، رحيما جلال ان رٿا کي حقيقت بڻائڻ لاءِ روشن نالي اٺ ذريعي بلوچستان جي مختلف ڳوٺن ۾ لائيبريري جي شروعات ڪئي، روشن اٺ هفتي ۾ 3 ڏينهن هر ڳوٺ وڃي ٻارڙن کي ڪتاب پهچائي ٿو، ٻن ڪلاڪن تائين ٻارڙا اهي پڙهي واپس ڪن ٿا، ٻارڙن کي ڪجهه ڪتاب مفت به فراهم ڪيا وڃن ٿا، ان سلسلي ۾ معصوم عنبرين جنهن جي عمر اڃا صرف 9 سال آهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي تصويرن وارا ڪتاب وڌيڪ پسند آهن ڇاڪاڻ ته ان سان ڪهاڻي آساني سان سمجهه ۾ اچي ويندي آهي. جڏهن ته پرنسپل رحيما جلال جيڪا صوبائي وزير زبيدا جلال جي ڀيڻ پڻ آهي چيو ته آئون ان پراجيڪٽ کي اڃا به وڌائڻ چاهيان ٿي پر ان سلسلي ۾ کيس فنڊز جي سخت صرورت آهي هن ٻڌايو ته هن وقت سندس هر مهيني 20 هزار رپيا خرچ اچي رهيو آهي.