ٻرندڙ جبل تي برفباري ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو

0
382

رياض (دلچسپ نيوز) ٻرندڙ جبل تي برفباري ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سعودي شهر حائل ۾ هڪ ٻرندڙ جبل تي اوچتو برفباري شروع ٿي وئي، ابوفيصل البداح نالي ڦوٽوگرافران کي پنهنجي ڪيمرا ۾ محفوظ ڪيو، وڊيو ۾ ٻرندڙ جبل مٿان هڪ ڪلاڪ ٿيل برفباري ڏسي سگهجي ٿي. ان حوالي سان ابو فيصل جو چوڻ هو ته ايتري وڏي برفباري علائقي ۾ اسان پهريون ڀيرو ڏٺي آهي. هن چيو ته ٻرندڙ جبل مٿان اوچتو ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا ۽ پوءِ لاڳيتو هڪ ڪلاڪ تائين برفباري ٿيندي رهي. برفباري بعد ماڻهن جو وڏو انگ ٻرندڙ جبل واري هنڌ پهچي ويو ۽ ان خوبصورت منظر جو مزو ماڻيندو رهيو.