بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان جاري برسات تباھي مچائي ڇڏي

0
281
بلوچستان جي مختلف

ڪراچي: بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان جاري برسات تباهي مچائي ڇڏي آھي، برساتي نالا اُٿلي پيا، لورالائي ڀرسان تعمير ٿيل ڊئم به پاڻي جي دٻاءُ سبب ڦاٽي پيو

 قلات، خضدار، تربت، قلعه سيف الله ۽ لسٻيلو سوڌو ٻين علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات، چمن ۾ وڏن وهڪرن سبب فائيبر آپٽڪ کي نقصان، صوبي ۾ بئنڪس جو سرور ڊائون ٿي ويو، اي ٽي ايم، موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروس معطل، هوشاب ۾ ايف سي برساتي نالي ۾ ڦاٿل 4 ڄڻن کي بچائي ورتو

سنڌ ۾ برسات دوران وڄون ڪرڻ سميت مختلف حادثن  ۽ واقعن ۾ وڌيڪ 6 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا

ٻئي پاسي سنڌ ۾ برسات دوران وڄون ڪرڻ سميت مختلف حادثن توڙي واقعن ۾ وڌيڪ 6 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا، ڪڍڻ ۾ وڄيون ڪرڻ جي نتيجي ۾ عبدالمجيد ۽ خدا بخش ملاح فوت ٿي ويو

 نندو ۾ ٻني تي ويندڙ نوجوان ڌنجي ڪولهي وِڄ ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو، ڪراچي ۾ قائد آباد ڀرسان ملير ندي ۾ لڙهي ويل نينگر هٿ نه آيو

 وارثن طرفان علي جان ڪلهوڙو جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل، ميرپور خاص ۾ ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ پورهيت راءِ چند ڪولهي فوت، نينگر زخمي ٿي پيو

ھي به پڙھندا

سنڌ ۽ بلوچستان ۾ 9 ڏينهن دوران برساتن جو ٽن ڏهاڪن وارو رڪارڊ ٽٽي ويو