عمران خان رستن تي ڌڪا کائي رھيو آھي، ٻيھر اقتدار ۾ نٿو اچي سگھي: احسن اقبال

0
224
ڪراچي: عمران خان رستن

اسلام آباد: وفاقي وزير احسن اقبال چيو آھي تھ عمران خان رستن تي ڌڪا کائي رھيو آھي، ٻيھر اقتدار ۾ نٿو اچي سگھي، پنهنجي مٿان هُوٽنگ ڪندڙ عورتن ۽ ٻارن خلاف ڪا به قانوني ڪارروائي نه ڪندس

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال پنهنجي مٿان هُوٽنگ واري واقعي تي ردعملڏيندي چيو تھ  پي ٽي آءِ قيادت خلاف عوام جي عدالت ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي رهيو آهيان، عوام جي خاموش اڪثريت نفرت واري اهڙي سياست کي رد ڪرڻ لاءِ اڳتي اچي

احسن اقبال چيو ته عمران خان مان اميد هئي ته هو سياست ۾ به اسپورٽس مين اسپرٽ متعارف ڪرائيندو پر هن نفرت ۽ انتهاپسندي واري سياست ۽ ڪلچر کي هٿي ڏني آهي، هوٽنگ واري واقعي سان منهنجي عزت ۾ ڪا گهٽتائي ناهي ٿي