سنڌ ۽ بلوچستان ۾ 9 ڏينهن دوران برساتن جو ٽن ڏهاڪن وارو رڪارڊ ٽٽي ويو

0
202
سنڌ ۽ بلوچستان ۾ 9 ڏينهن

ڪراچي: سنڌ ۽ بلوچستان ۾ 9 ڏينهن دوران برساتن جو ٽن ڏهاڪن وارو رڪارڊ ٽٽي ويو، ماحولياتي تبديلي بابت وفاقي وزير تازين برساتن بابت پي ڊي ايم جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آھن

 شيري رحمان پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پهرين کان 9 جولاءِ تائين 30 سالن جون سڀ کان وڌيڪ برساتون پيون آهن

بلوچستان ۾ 9 ڏينهن دوران 45.9 ۽ سنڌ ۾ 72.1 ملي ميٽر برسات رڪارڊ، موسميات کاتي چيو آهي ته ڪراچي، حيدرآباد، بدين ۽ ٺٽي سوڌو سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سڀاڻي عيد جي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جاري رهندي

13 جولاءِ کانپوءِ سنڌ ۾ چوماسي جي برساتن جو نئون وهڪرو داخل ٿيندو، جنهن سبب وڌيڪ برساتون پوڻ جا امڪان آهن

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڇهين ڏينهن به وقفي وقفي سان جاري برسات جا راڱا

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڇهين ڏينهن به وقفي وقفي سان جاري برسات جا راڱا، ڪراچي ۾ تيز برسات دوران ڊفينس، ڪلفٽن، صدر، قائد آباد ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، حيدرآباد جي ريلوي ڪالوني، آمريڪن ڪوارٽرز، وحدت ڪالوني ۽ هيٺانهين وارن علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو

 رهواسي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا، بدين، ٽنڊو باگو، شيخ ڀرڪيو، ڪرونڊي ۽ ڀرپاسي گجگوڙ سان برسات، سکر، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، خيرپور، ميرو خان ۽ ٽنڊو غلام حيدر ۾ گهٽين توڙي پاڙن ۾ پاڻي بيهڻ سبب شهري پريشان، موري ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف شهري رستن تي نڪري آيا

 ڪڍڻ ۾ وڄيون ڪرڻ سبب عبدالمجيد ۽ خدا بخش ملاح فوت، ڪراچي ۾ قائد آباد ڀرسان ملير ندي ۾ لڙهي ويل ٻن ڀائرن جي ڳولا لاءِ انتظاميا تحرڪ نه ورتو، وارثن طرفان سلمان ۽ علي جان ڪلهوڙو جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل، ميرپور خاص ۾ ڪرنٽ جي واقعن ۾ پورهيت راءِ چند ڪولهي فوت، نينگر زخمي ٿي پيو

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ اڄ کان برسات جو سلسلو گهٽجڻ شروع ٿي ويندو:موسميات کاتو