بلال ڪاڪا ڪيس: مک جوابدار جو رمانڊ منظور، ڀاءُ به گرفتار

0
662

حيدرآباد ۾ هوٽل مالڪ هٿان بيدردي سان قتل ٿيل نوجوان بلال ڪاڪا جي ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي

ڀٽائي نگر پوليس مُک جوابدار جي ڀاءُ محمد افضل خان پٺاڻ کي به گرفتار ڪري ورتو

پوليس جو چوڻ آهي ته افضل پٺاڻ بلال ڪاڪا قتل ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد آهي، کائنس جاچ ڪئي پئي وڃي

ٻئي پاسي مقامي عدالت ڪيس ۾ گرفتار مُک جوابدار شاهه سوار پٺاڻ جو وڌيڪ 7 ڏينهن لاءِ جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو آهي

مقامي عدالت پوليس جي 12 ڏينهن جي رمانڊ واري استدعا رد ڪندي مک جوابدار جو 7 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو

جوابدار شاهه سوار پٺاڻ کي انتهائي سخت سيڪيورٽي جي پهري ۾ عدالت پهچايو ويو

ھي به پڙھندا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بلال ڪاڪا جي قتل ۽ ڪراچي ۾ وڳوڙين جي حملن خلاف مظاهرا