سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بلال ڪاڪا جي قتل ۽ ڪراچي ۾ وڳوڙين جي حملن خلاف مظاهرا

0
223
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بلال

ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نوجوان بلال ڪاڪا جي قتل ۽ ڪراچي ۾ وڳوڙين جي حملن خلاف مظاهرا، لاڙڪاڻو ۾ پوليس طرفان ريلي کي روڪڻ تان ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي

شهرين ۽ قومپرست ڪارڪنن جناح باغ چوڪ تي مظاهرو ڪيو، ڇتي نعريبازي ڪئي وئي، باڊهه، جمال شاهه، ٺل، ٽنڊو آدم، ڀٽ شاهه، دوڙ، وارهه، ڪي اين شاهه، سجاول جوڻيجو ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا

 بلال ڪاڪا جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ۽ غيرقانوني طور ترسيل افغانين کي نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي، اڳواڻن جو چوڻ آھي تھ ڪراچي ۾ وڳوڙين جي حملن جي مذمت ڪيون ٿا، سنڌ اسان سنڌين جي آھي

اڳواڻن چيو تھ ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي، سنڌين جي گھرن تي حملا بند ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ مظاھرن جو سلسلو تيز ڪيو ويندو

ھي به پڙھندا

پٺاڻ ڀائر آهن، اُهي سنڌ ۾ ڪاروبار ڪري سگهن ٿا: جلال محمود شاھ