برطانيه نيٺ پاڪستان کي سفري ريڊ لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو

0
171
پاڪستان کي سفري ريڊ لسٽ
برطانيه نيٺ پاڪستان کي سفري ريڊ لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو

ڪراچي (م.ڊ) پرڏيهي خابرو اداري موجب برطانيا پاڪستان سميت 8 ملڪن کي ريڊ لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو آهي. مسافرن جي پي سي آر ٽيسٽ جي شرط ختم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.

برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر سماجي رابطن واري سائيٽ تي تصديق ڪئي ته پاڪستان کي ريڊ لسٽ مان ڪڍيو ويو آهي. هن لکيو ته  مان ڄاڻان ٿو ته گذريل 5 مھينا انهن ماڻهن لاءِ ڪيڏا مشڪل ھئا جيڪي ٻنهي ملڪن جي ويجهن لاڳاپن تي مدار رکن ٿا.

هن صحت جي صلاحڪار فيصل سلطان ۽ اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر جو به شڪريو ادا ڪيو.برطانوي هاءِ ڪمشنر لکيو ته ٻنهي ملڪن ۾  شهرين جي صحت کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان سان تعاون جاري رکندا.

برطانوي ٽرانسپورٽ واري وزير چيو آهي ته 4 آڪٽوبر کان جن کي مڪمل ويڪسين لڳائي وئي آهي انهن کي اڳواٽ ڪورونا ٽيسٽ جي ضرورت نه پوندي. 22 سيپٽمبر کان پاڪستان سميت 8 ملڪن کي سفري ريڊ لسٽ مان ڪڍيو ويندو.