دهشتگردن کي معافي جي آڇ متاثر ٿيندڙن جي توهين آهي: بلاول ڀٽو زرداري

0
212
بلاول ڀٽو زرداري
دهشتگردن کي معافي جي آڇ متاثر ٿيندڙن جي توهين آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاران ٽي ٽي پي کي معافي ڏيڻ واري بيان تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگرد گروپن کي عام معافي ڏيڻ جو هڪ طرفو فيصلو پاڪستان ۾ دهشتگردي کان متاثر ماڻهن جي توهين آهي.

”مذهبي انتهاپسندن کي خوش ڪرڻ جي وزير اعظم جي پاليسي مستقبل ۾ اسان جو پيڇو ڪندي ،“ پ پ چيئرمين چيو.ياد رهي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪالهه هڪ بيان جاري ڪيو هو جنهن ۾ هن چيو هو ته جيڪڏهن ٽي ٽي پي دهشتگردي ۾ ملوث نه ٿيڻ جو واعدو ڪري ۽ پاڪستان جي آئين کي تسليم ڪري ته پوءِ پاڪستان انهن کي معاف ڪرڻ تي غور ڪرڻ لاءِ تيار آهي.