مهانگي اگهه تي بينچون خريد ڪرڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ ڪاميٽي قائم

0
298
مهانگي اگهه تي بينچون خريد
مهانگي اگهه تي بينچون خريد ڪرڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ ڪاميٽي قائم

ڪراچي : تعليم کاتي جي اختيارين اسڪولن لاءِ مهانگي اگهه تي ڊيسڪن جي خريداري واري معاملي جو جائزو وٺڻ لاءِ اسپيشل سيڪريٽري آصف ميمڻ جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي.

ڪاميٽي ۾ ايجوڪيشن ورڪس جو چيف انجنيئر نظام الدين شيخ، ايڊيشنل سيڪريٽري قدير انصاري، ڊي جي پي ڊي آءِ دلاور منگي ۽ پي ڊي حفيظ رضا شيخ ميمبر طور شامل آهن.

ڪاميٽي کي هدايت ڪئي وئي ته اها 2020-21 ۽ 2021-22 لاء سينٽرل پروڪيورمينٽ ڪاميٽي طرفان خريداري جي طريقيڪار جو جائزو وٺندي. ڪاميٽي ڊيسڪن جي قيمت ۽ معيار جو به جائزو وٺندي، ڪاميٽي ٽن ڏينهن اندر تجويزن سميت رپورٽ جمع ڪرائيندي.