برسات متاثرن کي بيمارين کان ته بچايو!

0
116
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سڄي دنيا ۾ عوام کي ڪنهن به ڏکي وقت مان ڪڍڻ لاءِ حڪومتون ۽ انتظاميا ئي اڳيان اڳيان هونديون آهن ڇاڪاڻ ته  انهن جو ڪاروهنوار عوام جي ٽئڪس جي پيسن تي هلندو آهي پر هتي قصو ئي ابتو آهي. جڏهن به ڪو ڏکيو وقت،ڪا قدرتي آفت،ڪا مصيبت،ڪا وبا ايندي آهي ته حڪومت ۽ انتظاميا عوام  کي انهن  جي رحم ڪرم تي ڇڏي ايئن غائب ٿي ويندي آهي ڄڻ انهن جو اهو ڪم ئي ناهي. اهي  رڳو ڪرسي تي انهي ڪري ويٺا آهن ته عوام جي ٽئڪس جي پيسن مان  اهي سهولتون ،رعايتون ۽ پروٽوڪول ماڻي سگهن . عوام جي خدمت جي نالي تي آيل حڪمران ۽ انتظاميا انهن جا حاڪم بڻجي انهي عوام سان غلامن کان  به بدتر رويو رکندا آهن. اهڙو رويو عام  حالتن  ۾ ته ماڻهو ماٺ ڪري برداشت ڪري رهيا هوندا آهن يا سرڪار تي نه ڀاڙيندا آهن پر هن  برساتن کان پوءِ جڏهن ماڻهن جا ٻچا برساتي وهڪرن ۾ لڙهي رهيا آهن،بک تي ويلا ڪاٽي رهيا آهن ۽ بيمارين جي ڪري موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آهن ته آخر ڪير انهي کي برداشت ڪري سگهندو؟

ڪجهه ڏينهن  اڳ جوهي جي ايف بند ڀرسان هڪ نوجوان برساتي پاڻي ۾ لڙهي رهيو هو ته فرلانگن جي مفاصلي تي ويٺل روينيو عملدارن ۽ انتظاميا جي ماڻهن انهي کي بچائڻ جي ئي ڪوشس نه ڪئي جنهن ڪري اهو نوجوان پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو. ڪيتري وقت کان  برسات متاثر علائقن جا روڊ رستا بند آهن ۽ اتي کاڌ خوراڪ جو بحران پيدا ٿي ويو آهي پر انتظاميا کي ڪا پرواهه  ئي نه آهي، هاڻي وري خبرون اهي اچي رهيون آهن ته انهن علائقن ۾ ڊينگي،گيسٽرو،ڊائريا ۽ خارش جهڙي بيمارين منهن ڪڍيو آهي جنهن ڪري اسپتالن ۾ بيڊ کٽي ويا آهن پر سرڪار انهن بيمارين کان بچائڻ لاءِ ڪي ايممرجنسي ۾ قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي جنهن جو مطلب آهي ته عوام ڀلي پاڻمرادو انهن برساتي وهڪرن کي به منهن ڏئي ته انهي جي ڪري ٿيندر خوراڪ جي کوٽ جو به پاڻ بندوبست ڪري ته برساتن  کان پوءِ پيدا ٿيندڙ بيمارين کي به پاڻ ئي منهن ڏئي يا چڙي چڙي مري وڃي.گرمين دوران سڄي سنڌ ۾ جيڪا ڊائريا ڦهلي هئي ان ۾ هن برساتن کان پوءِ شدت اچي وئي آهي جنهن ڪري سڄي سنڌ ۾ ذري گهٽ ساڍا چار لک ماڻهو  متاثر ٿيا آهن،جنهن مان تقريبن ٻه لک مريض رڳو حيدرآباد ڊويزن ۾ آهن ، جڏهن ته گيسٽرو ۾ رڳو ڪالهوڪي ڏينهن ۾ نو ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. اسان جي صحت جي نظام جي اڳ ئي ڪارڪردگي بهتر ناهي اهو هن ايمرجنسي جي حالتن ۾ عوام کي ڪهڙو رليف ڏيندو هوندو اهو  سمجهڻ ڪو ايڏو ڏکيو نه آهي. تيز  برساتن بابت ته  حڪمران ۽ انتظاميا اهو جواز پيش ڪري سگهن ٿا ته اها قدرتي آهي  پر جيڪي شيون هنن جي هٿ وس آهن اهي ته عوام کي مهيا ڪري سگهجن ٿيون. ڇا جيڪڏهن ڪو ٻار،ڪو نوجوان ڪنهن اسپتال ۾ گيسٽرو سبب دوا نه ملڻ ڪري  تڙپي مري وڃي ته اها ذميواري صحت کاتي جي عملدارن تي نه ايندي ته اهي ڪنهن کي دوا ڏيڻ ۾ به ناڪام ڇو ٿيا؟

اسان سمجهون ٿا ته اهو سنڌ حڪومت جو  فرض آهي ته اها پنهنجي شهرين جي جان بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري، جيڪڏهن برسات متاثر علائقن ۾ صحت جون سهولتون ڏيڻ جي حوالي سان ڪيمپون قائم ڪري بهتر انتظام ڪيا وڃن ته گهڻيون حياتون ضايع ٿيڻ کان بچائي سگهجن ٿيون. تنهن ڪري سنڌ حڪومت کي فوري طور انهي پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ صحت کاتي کي ايمرجنسي جي بنيادن تي ڪم ڪرڻ گهرجي.