ملير(رپورٽر) بدين جي ناري نوجوان سان پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو وارثن پاران جرڳو نوجوان مارڻ جي فتوا جوڙو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور بدين ضلعي جي ڳوٺ مصري دل جي رھواسڻ رحمت ڌي سليمان دل پنھنجي ئي خاندان جي نوجوان محمد عمر دل سان پندرھن ڏينھن اڳ حيدر آباد ۾ عدالتي شادي ڪئي ھئي. نوجوان عمر دل ۽ سندس گھر واري رحمت دل صحافين  سان ڳالھائيندي چيو ته  شادي کانپوءِ منھنجا مائٽ جميل، نياز  ۽ ٻيا جان جا دشمن ٿي پيا آھن اسان کي ڪنھن به وقت جان کان ماري ڇڏيندا اسان دربدر زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون. ھنن الزام ھنيو وارثن جرڳو ڪري کين قتل ڪرڻ جي فتوي جاري ڪئي آهي جنهن بعد سندن حياتي خطري ۾ آهي  ھنن ڊسٽرڪٽ سيشن جج بدين ۽ ايس ايس پي بدين کي تحفظ ڏيڻ  جي اپيل ڪئي آھي.