خانپور مهر (رپورٽ: قاضي خادم) خانپور مهر جي ٻهراڙيءَ سان تعلق رکندڙ نوجوان علي گوهر قاضي اسڪالرشپ تي برطانيا مان ريسرچ مڪمل ڪري ڏيھه پهتو، ڪامن ويلٿ علي گوهر قاضيءَ جو تحقيقي فيچر به پنهنجي ڇماهي مئگزين ۾ شايع ڪري ڇڏيو. ڪامن ويلٿ جي سهڪار سان اسڪالرشپ تي ڏيڍ سال تائين تعليم جي بهتريءَ تي ريسرچ ڪندڙ نوجوان ملڪ ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي. خبر موجب خانپور مهر ويجهو ڳوٺ حاجي سونو قاضي جي رهواسي پرائمري استاد احمد علي قاضيءَ جو فرزند علي گوهر قاضي اسڪالرشپ تي برطانيا مان ريسرچ مڪمل ڪري اباڻي ڳوٺ پهتو ته سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. برطانيا جي يونيورسٽي ڪاليج لنڊن ۾ برطانوي حڪومت جي خرچ تي ڏيڍ سال تائين ريسرچ ڪري واپس موٽندڙ علي گوهر قاضي ان سلسلي ۾ نوجوان علي گوهر قاضي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ريسرچ دوران ئي اتي خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِ آفرز آيون پر منهنجي خواهش آهي ته پنهنجي ملڪ ۾ رهي تعليم جي شعبي ۾ ڪم ڪريان. هن چيو ته ڪامن ويلٿ طرفان شهزادي جي رٿيل تقريب ۽ اجرڪ پائي شرڪت ڪرڻ مون لاءِ وڏو اعزاز آهي. علي گوهر قاضيءَ جو چوڻ هو ته منهنجي ٺاهيل ماڊلز جي مدد سان سنڌ جي ڪچي جهڙن پٺتي پيل علائقن ۾ تعليم عام ڪري سگهون ٿا. استادن جي تربيت جي حوالي سان مون وڏو پلان ترتيب ڏنو آهي، جيڪڏهن حڪومت چاهي ته آئون بنا معاوضي خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. نوجوان علي گوهر قاضي جي والد احمد علي قاضيءَ جو چوڻ هو ته مون کي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته منهنجو پٽ ڪاميابي ماڻي واپس آيو آهي. واضح رهي ته علي گوھر قاضي آغا خان يونيورسٽي ۾ اسڪالرشپ تي پي ايچ ڊي ڪري رهيو آهي..