بخشاپور (ن پ ا)بخشاپور ويجهو آرڊي 109 ٿاڻي جي حد پٽ فيڊر ملهيرو پل لنڪ روڊ تي ڳوٺ جاڳڻ جکراڻي وٽ فوتگي ٿيڻ بعد قبرستان تي ويندڙ ڊاٽسن تيز رفتاري ۾ ڊرائيور کي ننڍ جو جهوٽو اچڻ ڪري ڪلٽي ٿي پئي، ڳوٺ شُڪر محمد واسي ٻه نوجوان محب جان پُٽ اعظم جکراڻي ۽ سهيل دين پُٽ ڌڻي بخش جکراڻي موقعي تي فوت ٿي ويا,جڏهن ته چار ڄڻا سومره، اسلام، سليمان ۽ سبزل جکراڻي زخمي ٿي پيا، جن کي مقامي ماڻهن ڪشمور جي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته مڙھ ڳوٺ منتقل ڪيا ويا، ٻنهي نوجوانن جا لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو ۽ سموري ڳوٺ ۾سوڳ ڇانئجي ويو,علائقي واسين جو چوڻ هو ته مانگهر ڦاٽڪ وٽ پيرسن فوت ٿيڻ بعد رشتيدار تدفين تياري لاءِ ڊاٽسن تي بلوچستان طرف وڃي رهيا هيا ته ڊرائيور کي ننڍ اچڻ ڪري هي حادثو پيش آيو.