حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ سڄاڻ ڌرين چيو آهي ته سنڌي ٻولي کي ميسارجڻ کان بچائڻ لاءِ ان کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي دفتري ٻولي بڻايو وڃي. سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي جو مضمون لازمي طور پڙهايو وڃي. ٻوليون نظرانداز ٿيڻ ڪري ميسارجي وينديون آهن. سنڌي ٻولي کي به لاڳيتو نظرانداز ڪيو پيو وڃي ان ڪري ٻولي جي وجود کي خطرا لاحق ٿي ويا آهن. اهڙو اظهار انهن سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران ”سنڌي ٻولي جاڳرتا مهم“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدارتي خطاب ڪندي نامياري ليکڪا مهتاب اڪبر راشدي چيو ته سنڌي ٻولي جي سماجي واهپي کي وڌائڻ ۽ ماڻهن ۾ سنڌي ٻولي جي جذبي کي اڀارڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجا رويا تبديل ڪريون ۽ جدت جي بهاني ٻولي ۾ پيدا ٿيندڙ بگاڙ کي روڪڻ لاءِ قدم کڻون. اسان ايئن نه ڪيو ته اڳتي هلي سنڌي ٻولي سنسنڪرت ٻولي جيان رڳو ڪتابن تائين محدود ٿي ويندي. هن چيو ته ڪنهن به ٻولي جي واڌ ويجهه گهر کان شروع ٿيندي آهي تنهن ڪري سنڌ توڙي ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين کي گهرجي ته اهي پنهنجن ٻارن کي ٻين ٻولين جا لفظ سيکارڻ بدران نج سنڌي ٻولي جا لفظ ڳالهائڻ لاءِ اتساهين. سنڌي زبان ۾ ماسيءَ جو لفظ موجود هجڻ جي باوجود گهڻي ڀاڱي سنڌين جا ٻار ان سنڱ کي خالا، پڦي جو لفظ هوندي به ان کي بوا ۽ چاچي کي آنٽي ڪري سڏيندا آهن. اهڙي روش سان سنڌي ٻولي ۾ بگاڙ پيدا ٿئي ٿو. اردو ٻولي جي ماهر ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر جعفراحمد چيو ته ماءُ ٻولي هر فن کي سمجهڻ ۾ تمام گهڻي مددگار ثابت ٿيندي آهي. اردو زبان کي رياست پاران قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو آهي پر ان جي باوجود سرڪاري ادارن ۾ لکپڙهه وري به انگريزي ۾ ڪئي وڃي ٿي. 75 سال گذري وڃڻ کانپوءِ به اسان تي انگريزن جو اثر ڇانيل آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو انگريزي ڳالهائي پاڻ کي هوشيار ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر حقيقت ۾ اها پنهنجي مادري ٻولين سان دشمني آهي ڇاڪاڻ ته قومون پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ تاريخ سان سڃاتيون وينديون آهن. اديب تاج جويو چيو ته 1972ع ۾ سنڌي ٻولي جو ايڪٽ پاس ڪيو ويو پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو. هن گهر ڪئي ته سنڌي ٻولي جي 1972ع واري ايڪٽ تحت حيثيت کي بحال ڪيو وڃي، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي سمورن سرڪاري ادارن توڙي نجي ادارن ۾ لکڻ پڙهڻ جو رواج سنڌي ۾ وڌو وڃي، سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ يونيورسٽي کي پنهنجو سمورو ڪاروهنوار سنڌي ٻولي ۾ هلائڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي سنڌي ۾ هلائي وڃي. سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجو چيو ته ”سنڌي ٻولي جاڳرتا مهم“ جو مقصد ٻولي جي وارثن کي سنڌي ٻولي جي افاديت ۽ اهميت کان آگاهه ڪرڻ آهي نه ته اسان جو ايندڙ نسل حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه کي به خوشحال خان خٽڪ وانگر رڳو شاعر ئي سمجهندو رهندو. دنيا ۾ 5 ڪروڙ ماڻهو سنڌي ٻولي ڳالهائين ٿا ۽ دنيا جي 7 هزار کان وڌيڪ ڳالهائجندڙ عظيم ٻولين مان سنڌي ٻولي 106هين نمبر تي آهي. نامياري اديب مدد علي سنڌي چيو ته سنڌي ٻولي کي سدائين مسئلا درپيش رهيا آهن. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌي ٻولي لاءِ خطرا وڌيا آهن. تعليمدان تهمينه مفتي چيو ته سنڌي ٻولي کي سياسي ۽ سماجي محاذ تي مالڪي جي ضرورت آهي. ان موقعي تي خانگي اسڪولن جي ڪراچي ۾ ڊائريڪٽ رفيعه ملاح، نصير مرزا، صحافي نياز پنهور ۽ ٻين به خطاب ڪيو.