بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور جي سومرا ۽ ڀٽا محلي ۾گٽر اٿلڻ سبب پاڻي گھرن ۾ ڪاھي پيو، گل حسن ڀٽو، ثناءَ الله ڀٽو، غلام قادر لاشاري، محمد لقمان گھنڃو جو چوڻ هو ته بخشاپور ٽائون ۾ مقرر سمورو عملو راشي آهي، صفائي سٿرائي جو ڪم نه ٿيڻ سبب شھر ۾ گٽر ابتا وھن پيا، ھر پاڙي ۾ گندگي جا ڍير لڳا پيا آهن، نوٽيس وٺي صفائي سٿرائي ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.