شيخ ڀرڪيو (ن پ ا) شيخ ڀرڪيي ويجھو پوليس مين پڙي سان ڀريل وين پڪڙي مبينا طور رڳو 12 ڪٽا ظاهر ڪيا آهن. ان ڏس ۾ ڀرڪيو پوليس ڦلڪارا_شيخ ڀرڪيو روڊ تي ڪاروائي ڪندي مين پڙي ۾ استمعال ايندڙ چوري ۽ مين پڙي جي ڪٽن سان ڀريل وين پڪڙي ورتي. پوليس موجب وين مان 10ڪٽا مين پڙي ۾ استمعال ٿيندڙ چُوري ۽ 2 ڪٽا مين پڙي جا هٿ ڪري جوابدار بلاول قائمخاني ۽ امداد عباسي خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو آهي جڏهن ته پوليس ذريعن جو چوڻ آهي  ته پڪڙيل وين مان مين پڙي ۽ چوري جا لڳ ڀڳ 50 ڪٽا هٿ ڪيا ويا جن مان پوليس صرف 12ڪٽا ظاهر ڪندي ٻيا ڪٽا گم ڪري ڇڏيا آهن.