بخشاپور جي انڊس هاءِ وي تان ٽرڪ ڊرائيور اغوا، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

0
345
بخشاپور جي انڊس هاءِ وي تان

بخشاپور/ڪنڌڪوٽ (نمائندن وٽان) بخشاپور جي انڊس هاءِ وي تان ٽرڪ ڊرائيور اغوا، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، بخشاپور انڊس هاءِ وي تان ٽرڪ ڊرائيور اغوا ٿي ويو، ڌاڙيلن سندس وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آھي

ڌاڙيلن ٽرڪ ڊرائيور غلام ياسين  پنجابي کي اغوا ڪرڻ بعد وڊيو ڀريل  سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آھي، مغوي جو چوڻ آھي تھ مون کي ڌاڙيلن اغوا ڪيو آهي، سندن  گرفتار ٿيل ماڻهن کي ڪجهه به ٿيو  ته مونکي ماري ڇڏيندا

ايس ايس پي ذيشان شفيق صديقي موجب واردات واري هنڌ پوليس پهتل آهي،  جاچ ڪئي پئي وڃي، ايس ايس پي موجب ڏوهاري پنهنجي ساٿين کي بچائڻ  لاءِ وارداتون ڪري رهيا آهن