عمرڪوٽ (رپورٽر)عمرڪوٽ جي استاد اڳواڻ، صحافي ۽ سماج سڌارڪ پير ڏان سنگھه سوڍو جي 15 ھين ورسي جي موقعي تي يادگار ڪاميٽي طرفان پريس ڪلب ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنھن کي خطاب ڪندي استاد پونجراج ڪيسراڻي چيو ته پير ڏان سنگھه سوڍو تمام گھڻين خوبين جو مالڪ ھو، حاجي گل حسن آريسر چيو ته ماڻھو ھليو ويندو آھي پر سندس ڪردار ھميشه تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو آھي، حاجي ساند چيو ته سماج کي خوبصورت ڪرڻ لاءِ هن پاڻ پتوڙيو، ان موقعي تي علي اڪبر راھمون، رسول بخش رحمداڻي، نکت سنگھه سوڍو، رتن سنگھ سوڍو، پرٿوي سنگھه سوڍو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو،