ڪراچي (رپورٽ:دودو چانڊيو) سنڌ سرڪار سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت ملندڙ 10 ارب رپيا ملير جي ڳوٺن تي خرچ ڪرڻ بدران ڪراچي جي گجر نالي، محمود آباد نالي ۽ ٻين گٽر نالن تي قبضا ڪري ويٺل ماڻهن کي گهر ٺهرائي ڏيڻ تي خرچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان کان اڳ سنڌ سرڪار اعلان ڪيو هو ته وفاقي سرڪار اهي پئسا جڏهن به رليز ڪيا ته اهي پئسا ملير جي ڳوٺن جي ترقي ۽ ايل بي او ڊي جي ٻيهر ڊيزائن ڪرائڻ تي خرچ ڪنداسين، گذريل ڏينهن وڏي وزير جي صدارت هيٺ پراونشنل ڪوآرڊينيشن اينڊ امپليمينٽيشن ڪاميٽي (پي سي آءِ سي) اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته بحريا ٽائون وارن 10 ارب رپين مان اسين گٽر نالن تي قبضا ڪري ويٺل ماڻهن کي اتان هٽائي متبادل هنڌ تي گهر ٺهرائي ڏينداسين، جن کي هن وقت اتان هٽايو پيو وڃي، ضلع سينٽرل جي متاثر ٿيندڙ شهرين کي 47 پلاٽ الاٽ ڪرڻ جي هدايت ڪندي وڏي وزير ٽرانسپورٽ کاتي کي هدايت ڪئي ته آگسٽ کان بي آرٽي اورينج لائين مڪمل ڪئي وڃي ٽرانسپورٽ کاتي جي سيڪريٽري ٻڌايو ته ايف ڊبليو او، ڪي سي آر روٽ تي فلائي اوور / انڊر پاسز لاءِ تفصيلي ڊزائين جي لاءِ سروي ڪرائي هئي. پي سي -1 مطابق 4.9 ارب رپين جي لاڳت سان ٽي ايليويٽڊ اسٽرڪچر تعمير ڪيون وينديون. 11.508 ارب رپين جي لاڳت سان 6.4 ڪلوميٽر ايراضي تي مرحلن ۾ وڏيون عمارتون تعمير ڪيون وينديون. وڏي وزير چيو ته هن 6 بلين رپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو جيڪي سندس حڪومت ريلوي اختيارين جي ٽائم لائين مطابق فراهم ڪندي. بي آر ٽي اورينج لائن بابت ٻڌايو ويو ته اورينج لائن منصوبو 3.88 ڪلوميٽر ايراضي تي ٻڌل آهي جنهن ۾ چار اسٽيشن ۽ هڪ بس ٽرمينل شامل آهن، ٽرانسپورٽ کاتي بي آر ٽي کي هلائڻ لاءِ 20 بسن جي خريداري ۽ ايس آءِ ڊي سي ايل کي 2 ارب 21 ڪروڙ رپيا ۽ بي آر ٽي کي آپريشنل ڪرڻ جي سلسلي ۾ 58 ڪروڙ 71 لک 94 هزار 113 رپيا جاري ڪيا آهن، اهي بسون ڊسمبر 2021 ۾ چائنا کان اينديون، ريڊ لائين بابت ٻڌايو ويو ته بي آر ٽي ريڊ لائين جون سڀئي 912 گاڏيون راهداري سان سفر ڪرڻ لاءِ سڌي ريت فيڊر ۽ ٽرنڪ روٽس تي ڪوريڊور ۾ سفر ڪنديون. ڀينس ڪالوني جي ڀرسان جديد ترين بايوگيس پلانٽ لڳايو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملير هالٽ ۽ موسميات ڊپو جيڪي پاڪستان رينجرز جي استعمال هيٺ آهن انهن خاطري ڪرائي آهي ته جڏهن ڪم شروع ٿيندو ته اهي خالي ڪري ڇڏيندا. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته رينجرز کي متبادل جڳهه فراهم ڪئي وڃي ته جيئن هو آساني سان پنهنجو ڪم جاري رکي سگهي. صوبائي حڪومت جي ييلو لائين منصوبي تي 61.436 ارب خرچ ٿيندا. جنهن ۾ ورلڊ بينڪ جو حصو 53.540 ارب رپيا آهي، سنڌ حڪومت 2.654 ارب رپيا ۽ پرائيويٽ سيڪٽر کي 5.250 ارب رپيا قرض ڏيڻ جو منصوبو آهي. اهو بنيادي طور تي ڪورنگي ۽ سندس صنعتي علائقن جي رستن سان ٺهندو جيڪو شهر جي ڏکڻ اوڀر وارن علائقن، ڏکڻ ۽ سينٽرل ضلعن کي پاڻ سان ملائيندو. اهو 21 ڪلوميٽر تي ٻڌل پراجيڪٽ آهي جيڪو دائود چورنگي کان نمائش تائين هوندو. هتي 2 فلائي اوور، 9 انڊر پاس، هڪ يو ٽرن ۽ 28 اسٽيشنون هونديون. رستي جي ٻنهي پاسن کان 42 ڪلوميٽر تي ٻڌل موٽر سائيڪل لاءِ ٽريڪ هوندو. اهو روزانو 3 لک مسافرن لاءِ سهولت بڻجندو. ھن رستي تي 268 ڊيزل ھائبرڊ بسون ھلنديون، ڪمشنر ڪراچي ٻڌايو ته محمود آباد نالي سان گڏ 238 يونٽ، گجر نالي وٽ 3290 يونٽ، 416 اورنگي نالي (سينٽرل)، 1001 يونٽ اورنگي (اولهه) ۽ 189 يونٽ اورنگي نالو (ضلع ڪيماڙي) ڊاٿاآهن. متاثر ٿيل ماڻهن جي معاوضي لاءِ 823.340 ملين رپيا جاري ڪيا ويا آهن جنهن مان 545.737 ملين رپيا ورهايا ويا آهن ۽ باقي 277.603 ملين رپيا ضروري ڪارروائي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڏنا ويندا. وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت 47 گهرن جي مالڪن کي پلاٽ ڏيندي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ناگن چورنگي جي ٽن هنڌن ۽ حيدري مارڪيٽ جي ٻن هنڌن تي گرين لائن جي ڪراسنگ هيٺ هڪ باڪس ڊرينج چينل ٺاهڻ لاءِ 400 ملين رپيا فراهم ڪيا ويندا. ڊرين باڪس چينلز جي تعمير سان مينهن جو پاڻي آساني سان خارج ٿيندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تقريباً سمورن وڏن نالن، محمود آباد، گجر ۽ اورنگي نالن کي صاف ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي ڪنارن سان گڏ ڀت جي اڏاوت ٿي رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته جاري ترقياتي ڪمن سان گڏ نالن جي اڳڀرائي جي نگراني ڪري ۽ کيس رپورٽ پيش ڪري.