پيرس/جنيوا (م ڊ) ڪورونا پابندين سبب 9 مهينن کان بند پيرس جو ايفل ٽاور سياحن لاءِ کُلي ويو، سياحن کي داخلا لاءِ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ يا منفي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ ڏيکارڻي پوندي، ٻئي طرف صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايچ او هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا جي شروعات بابت جاچ ۾ تعاون لاءِ چين تي زور ڀريو آهي.