اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ اڪثريت رکندڙ مخالف ڌر کي قانونسازي ۾ شڪست، دلاور خان گروپ قانونسازي ۾ حڪومت سان ملي ويو، حڪومت پاران هڪ ئي ڏينهن 5 بل منظور، اپوزيشن جو گوڙ، هنگامو، سينيٽ چيئرمين جي روسٽرم جو گهيرو، احتجاج، نعرا هنيا ويا. ڪالهه سينيٽ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو، پارلياماني مامرن بابت صلاحڪار بابر اعواڻ ضمني ايجنڊا طور فيڊرل ميڊيڪل ٽيچنگ اسپتال بل ۽ اين آءِ ايچ ترميمي بل پيش ڪيو ته مخالف ڌر شديد احتجاج ڪيو، مخالف ڌر جا ميمبر پنهنجي سيٽن تي بيهي گوڙ ڪرڻ لڳا، جنهن بعد بل پيش ڪرڻ جي رٿ تي ووٽنگ ڪرائي وئي ته بل پيش ڪرڻ جي حق ۾ 39 ۽ مخالفت ۾ 35 ووٽ پيا، ائين سينيٽ ۾ اڪثريت رکندڙ مخالف ڌر اقليتي تعداد رکندڙ حڪومت کان شڪست کاڌي، يوسف رضا گيلاني کي اپوزيشن ليڊر مقرر ڪرائڻ ۾ حمايت ڪندڙ آزاد ميمبر دلاور خان به مخالف ڌر جي بينچن تي ويهڻ باوجود حڪومت جو ساٿ ڏنو، مخالف ڌر جا ميمبر احتجاج ڪندا سينيٽ چيئرمين جي روسٽرم سامهون جمع ٿي ويا ۽ نعريبازي ڪئي، ميان رضا رباني کي سينيٽ چيئرمين هدايت ڪئي ته توهان پنهنجي سيٽن تي وڃي ويهو، سينيٽ چيئرمين سيڪيورٽي اسٽاف کي هدايت ڪئي ته مخالف ڌر جي ميمبرن کي پنهنجي سيٽن تي وٺي وڃو، جنهن تي مخالف ڌر شديد احتجاج ڪيو، سينيٽ چيئرمين، رضا رباني سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان مون کي دڙڪا ڏيو پر اسٽاف کي دڙڪا نه ڏيو، پنهنجي ڳالهه تي معذرت ڪريان ٿو پر توهان جو طريقو درست ناهي، مصطفيٰ نواز کوکر ۽ ٻين ميمبرن سيڪيورٽي اسٽاف کي چيو ته همٿ آهي ته هٿ وجهي ڏيکاريو، شيري رحمان نعرا لڳرايا ته “چور دروازي جي سرڪار نه هلندي نه هلندي” اهڙي گوڙ ۽ هنگامي جي صورتحال ۾ سينيٽ جي ايوان فيڊرل ميڊيڪل ٽيچنگ هاسپيٽل ري آرگنائيزيشن بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو، مخالف ڌر جي احتجاج دوران ئي بابر اعواڻ اين آءِ ايچ ايڪٽ ۾ ترميم جو بل به پيش ڪيو، جنهن کي به اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو، ٻئي بل قومي اسيمبلي پاران منظور ڪيا ويا آهن، پ پ جي شيري رحمان جو چوڻ هو ته اڄ حڪومت ايوان ۾ آلودگي ڦهلائي، اها آمريت آهي، اسان قومي اسيمبلي کان به بدتر ٿي ٿيندا پيا وڃون، پارليامينٽ جو تقدس پائمال ٿي رهيو آهي، ضمني ايجنڊا تي بل جي منظوري جي ڪا حيثيت ناهي، پوءِ ڪاميٽيون قائم ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو آهي، جڏهن ته سينيٽ جي ايوان بجلي جي پيداوار، تقسيم ايڪٽ ۾ ترميم جو بل به منظور ڪري ورتو، منظور ڪيل بل مطابق نيپرا بجلي تقسيم جي حوالي سان بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين لاءِ هڪ جهڙو بجلي جو ٽيرف مقرر ڪندي، نيپرا پنهنجي سفارشن کي فوري لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏئي سگهندي، نيپرا ٽماهي بنيادن تي بجلي جي قيمتن ۾ ايڊجسٽمينٽ ڪري سگهندي، نيپرا ماهوار بنيادن تي فيول سرچارج جي مد ۾ ٽيرف ايڊجسٽمينٽ به ڪري سگهندي، بجلي استعمال جي صارفين کان سرچارج به وصول ٿي سگهندو، جيڪا سرچارج بجلي جي سرڪاري منصوبن لاءِ رکبي، جڏهن ته سينيٽ باهمي تعاون جو ترميمي بل به اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو، جماعت اسلامي جي مشتاق احمد ترميم پيش ڪئي ته ڪنهن به پاڪستاني کي بغير نوٽيس جي گرفتار نه ڪيو وڃي، نه ئي ڪنهن ملڪ جي حوالي ڪيو وڃي پر ان جي ترميم کي اڪثريت راءِ سان رد ڪيو ويو، مخالف ڌر پاران ان بل جي به مخالفت ڪئي وئي پر ان بل جي حق ۾ 43 ۽ مخالفت ۾ 33 ووٽ آيا، جنهن ڪري ان بل ۾ به اڪثريت رکندڙ مخالف ڌر کي حڪومتي ڌر شڪست ڏني، دلاول خان ان بل جي ٿيل ووٽنگ ۾ به حڪومتي ڌر جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جماعت اسلامي جي مشتاق احمد چيو ته غلاماڻي قانون سازي نه ٿيڻ گهرجي، منظور ٿيل ترميمي بل مطابق قانون تحت قابل سزا ڏوهه ۾ ملڪن سان سهڪار ڪيو ويندو، ان بل جي منظوري خلاف جماعت اسلامي جي مشتاق احمد واڪ آئوٽ ڪيو، جڏهن ته سينيٽ جي ايوان پارليامينٽ جي ميمبرن جي پگهارن ۽ الائونسن جي ايڪٽ ۾ به ترميم جو بل منظور ڪيو.