ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت بحريه ٽائون ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري ملڪيتن کي نقصان رسائڻ وارن ڪيسن ۾ ايس ٽي پي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، ايس يو پي جي چيئرمين سيد جلال محمود شاهه، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ سجاد چانڊيو، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، عبدالخالق جوڻيجو، اسلم خيرپوري، برک ليکڪ گل حسن ڪلمتي، مراد فيض محمد گبول سميت 11 ڄڻن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ۾ 5 آگسٽ تائين واڌ ڪندي پوليس کي سندن خلاف ڪيسن جا چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪالهه ٻڌڻي دوران ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ سينيئر وڪيل سجاد چانڊيو، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، عبدالخالق جوڻيجو، اسلم خيرپوري، ليکڪ گل حسن ڪلمتي ۽ مراد فيض محمد گبول سميت 10 ڄڻا پيش ٿيا، جڏھن ته ايس يو پي جو سربراھه سيد جلال محمود شاھھ پيش نه ٿيو، سندس وڪيلن عدالت کي ٻڌايو ته سيد جلال محمود شاھه جي طبيعت خراب آھي، جنھن ڪري کيس غير حاضري معاف ڪئي وڃي، عدالت اھڙي درخواست منظور ڪندي سمورن اڳواڻن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ۾ 5 آگسٽ تائين واڌ ڪندي جاچ آفيسر کي سندن خلاف ڪيسن جا چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. داخل ڪيل درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڊاڪٽر قادر مگسي، سيد جلال محمود، سجاد چانڊيو ۽ اسلم خيرپوري پر امن سياست ڪندڙ اڳواڻ آهن، جيڪي سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ پر امن سياسي جدوجهد تي يقين رکن ٿا. اهي پرامن احتجاج ڪري رهيا هئا، جيڪو سندن جمهوري حق هو، انهي باوجود کين غير قانوني طور تي بحريه ٽائون واقعي بابت داخل ڪيسن ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.