حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد ۾ آبپاشي کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري جي پٽ زال کي مبينا تشدد قتل ڪري وڌو. بلديا ٿاڻي جي حد ايريگيشن آفيسرز ڪالوني ۾ رهائش پذير آبپاشي کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري خالد حيدر ميمڻ جي پٽ عمر ميمڻ گهريلو جهيڙي تان پنهنجي نوجوان زال قرت العين تي مبينا طور وحشياڻو تشدد ڪيو جنهن بعد هوءَ فوت ٿي وئي پر گذريل ڏينهن صبح جو هو کيس زخمي ڄاڻائي علاج لاءِ سول اسپتال کڻائي آيو جتي ڊاڪٽرياڻين سندس زال جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. سول اسپتال ۾ قائم ميڊيڪو ليگل شعبي جي انتظاميا بلديا ٿاڻي جي پوليس کي واقعي بابت اطلاع ڏئي سول اسپتال پهچڻ جو چيو جڏهن ته معاملي بابت آگاهي ملڻ بعد ناري جا ڀائر به سول اسپتال پهچي ويا. ناري جي ڀاءُ فاريسٽ آفيسر اسد الله بليدي بلديا ٿاڻي جي پوليس کي ابتدائي طور بيان ڏنو ته سندس ڀيڻ سان ڀيڻويي جو جهيڙو ٿيندو رهندو هو جيڪا دانهن کڻي سندن ڀيڻ اڪثر حسين آباد ۾ قائم گهر اچي ڏيندي هئي. بعد ۾ سندس ڀيڻويو ٻيهر ڀيڻ سان جهيڙو نه ڪرڻ جي شرط تي کيس پرچائي وٺي ويندو هو. پوليس ناري جي ڀاءُ پاران سندس ڀيڻ کي مڙس جي قتل ڪرڻ واري خدشي کانپوءِ عمر ميمڻ کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو آهي.