اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ مني لانڊرنگ ذريعي سنڌ بينڪ کي 25 ارب رپين جو نقصان پهچائڻ واري ريفرنس جي جوابدارن بلال شيخ، عبدالغني مجيد، سيد محمود علي، حسين لنوائي، جاويد حسين مٿان فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، عدالت فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 7 سيپٽمبر جي تاريخ مقرر ڪندي سمورن جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه جج محمد اعظم خان جي عدالت ۾ جيئن ئي ٻڌڻي شروع ٿي ته سنڌ بينڪ جي اڳوڻي صدر بلال شيخ، عبدالغني مجيد پيش ٿيا، جڏهن ته سيد محمود علي، حسين لنوائي ۽ ٻين حاضري کان ڇوٽ وارون درخواستون جمع ڪرايون، عدالت حاضري کان ڇوٽ واريون درخواستون منظور ڪندي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اڄ جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ٿيڻو هو پر انهن جي موجودگي نه هئڻ سبب فرد جرم لاڳو نه ٿو ٿي سگهي.