بجيٽ ۾ ميڪ اپ، کاڌو، شيمپو ۽ پرفيومز بھ وڌيڪ مھانگا

0
387

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بجيٽ ۾ درآمد ٿيل ميڪ اپ ، کاڌو ، شيمپو ۽ پرفيومز بھ وڌيڪ مھانگيون ڪيون ويون آھن، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ آنلائن خريدارن تي سيلز ٽيڪس ، موبائل فون ۽ ٽائر جي درآمد تي ريگيوليٽري ڊيوٽي وڌائي وئي آهي، ان کان علاوه ، 164 ٽيڪسٽائيل سان لاڳاپيل ٽيرف لائينز تي اضافي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي جڏهن ته 7.5 سيڪڙو ٽيڪس جي آمدني ظاهر ڪرڻي آهي، هر شهري گهراڻي کي ڪاروبار لاءِ 5 لک روپين جو بنا وياج قرض ملي سگھندو، جڏهن ته گهٽ آمدني هائوسنگ اسڪيم تحت 20 لک سستا قرض ڏنا ويندا..