اسلام آباد: وفاقي بجيٽ ۾ ملڪ جي دفاع لاءِ 13 کرب 73 ارب 27 ڪروڙ 50 لک رکيا ويا، ڊفينس ايڊمنسٽريشن لاءِ 3 ارب 27 ڪروڙ، 75 لک رکيا ويا، ڊفينس سروسز لاءِ 13 کرب 70 ارب رکيا ويا جنهن ۾ ملازمن تي خرچ 481 ارب 59 ڪروڙ 20 لک ۽ آپريشن خرچ 327 ارب 13 ڪروڙ 60 لک، فزيڪل اثاثا 391 ارب 49 ڪروڙ 90 لک، سول ورڪس لاءِ 159 ارب، 77 ڪروڙ 30 لک به شامل آهن. سپارڪو کي سائنسي تحقيق لاءِ 8 ارب 34 ڪروڙ 10 لک، پاڪستان ايٽمي ريگيوليٽري اٿارٽي لاءِ 20 ڪروڙ، پاڪستان ايٽمڪ انرجي ڪميشن لاءِ 27 ارب رپيا، ميري ٽائيم افيئرز ڊويزن لاءِ 4 ارب 46 ڪروڙ 20 لک، نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن لاءِ 48 ڪروڙ 90 لک، ڪشمير اينڊ گلگت بلتستان ڊويزن لاءِ 69 ارب 96 ڪروڙ، ڊفينس ڊويزن لاءِ هڪ ارب 97 ڪروڙ 80 لک رپيا، دفاعي پيداوار ڊويزن لاءِ 80 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. ٻئي طرف وفاقي حڪومت رٽائرڊ ملازمن کي پينشن جي ادائگي لاءِ 480 ارب رپيا رکيا آهن، بجيٽ دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انهن مان 360 ارب رپيا فوجي ۽ 120 ارب رپيا سول رٽائرڊ ملازمن کي ادا ڪيا ويندا. فوجي پينشن سولين پينشن کان ٽيڻ تي وڌي وئي آهي.