اسلام آباد: وفاقي حڪومت مختلف ادارن کي سبسڊي ڏيڻ لاءِ وفاقي بجيٽ ۾ 682 ارب رپيا رکيا آهن، گذريل سال پهرين اها رقم 209 ارب هئي، جنهن کي نظرثاني بعد وڌائي 430 ارب رپيا ڪيو ويو هو. هيل وري انهي ۾ 252 ارب رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي. انهن مان 511 ارب رپيا واپڊا ۽ پيپڪو کي ڏنا ويندا، آءِ پي پيز لاءِ 136 ارب، بلوچستان ۾ زرعي ٽيوب ويلن تي سبسڊي لاءِ 4 ارب 40 ڪروڙ، پي ايچ پي ايل لاءِ 118 ارب، اڳوڻي فاٽا جي بقايائن طور پيپڪو کي 7 ارب 60 ڪروڙ، ڊسڪوز لاءِ 184 ارب، صنعتي معاون پيڪيج لاءِ 15 ارب، ڪي اي ايس سي کي 85 ارب ملندا، انهن مان اگهن ۾ گهٽ واڌ جا 56 ارب ۽ بلوچستان جي زرعي ٽيوب ويلن جي سبسڊي لاءِ 7 ارب، صنعتي پيڪيج لاءِ 22 ارب رپيا ملندا. بجيٽ دستاويزن موجب پيٽروليم تي 20 اربن جي سبسڊي ڏني ويندي، پاسڪو لاءِ 7 ارب (ڪڻڪ خريداري لاءِ 2 ارب ۽ ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ لاءِ 5 ارب)، يوٽلٽي اسٽورز ڪارپوريشن لاءِ 6 ارب رپيا، گلگت بلتستان کي ڪڻڪ سبسڊي لاءِ 8 ارب، ميٽرو بس سبسڊي لاءِ هڪ ارب، ڀاڻ ڪارخانن لاءِ سبسڊي طور 6 ارب، ، نيا پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي سبسڊي لاءِ 30 ارب، نياپاڪستان سبسڊي تي وياج لاءِ 3 ارب رپيا رکيا ويا آهن.