ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) وفاقي بجيٽ کان 2 هفتا اڳ مارڪيٽ مان سگريٽ،کاڄرو تيل ۽ هار سينگار جون شيون غائب ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، ان ڏس ۾ ورتل جائزي موجب 20 سگريٽن وارا پيڪٽ 10 کان 20 رپيا وڌي ويا آهن، جڏهن ته کاڄرو تيل جو 5 لٽر جو دٻو 30 کان 50 رپيا اضافي سان وڪرو ٿي رهيو هو، ان ڏس ۾ دڪاندارن جو چوڻ هو ته 11 جون تي بجيٽ اچڻ بعد اگهن ۾ استحڪام ايندو.