لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ميهڙ جي ڳوٺ آندل تونيو ۾ 13 ورهين جو طالب شيخ گهر جي ڇت تان گذرندڙ بجلي جي 11 هزار تارن ۾ وچڙي سڙي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن پاران نينگر جي جسم جو 70 سيڪڙو سڙڻ جي تصديق ڪندي کيس ڪراچي منتقل ڪرڻ جو مشورو ڏنو، ان ڏس ۾ نينگر جي وارثن خادم حسين ۽ صدوران اسپتال انتظاميا خلاف نينگر جو علاج نه ڪرڻ جو الزام لڳائيندي احتجاج ڪيو. هنن مطالبو ڪيو ته اسپتال انتظاميا جي زيادتي جو نوٽيس وٺي نينگر جو علاج ڪيو وڃي.