باقراڻي (ن پ ا ) تعلقي انتظاميا حڪومت سنڌ پاران رمضان شريف جي مهيني ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ بچت بازار لڳائڻ واري اعلان تي عمل ڪرائڻ بجاءِ مذاق بڻائي ڇڏيو آهي ، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيار ڪار شهر جي ڪجهه دڪانن اڳيان نالي ماتر بچت بازار جا بينر لڳائي فوٽو سيشن ڪرائي هليا ويا. سڄاڻ ڌرين پاران ڊي سي لاڙڪاڻو ۽ اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت جي عوام کي رليف ڏيڻ واري اعلان تي عمل ڪرائي باقراڻي ۾ بچت بازار لڳائي باقراڻي واسين کي رليف مهيا ڪيو وڃي ۽ باقراڻي شهر سميت تعلقي ۾ عام واھپي جي شين جا هٿرادو اگهه وٺندڙ منافعي خور دڪاندارن خلاف ڪارروائي ڪري عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي .