سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي ويجهو ڦلھڏيون ٿاڻي جي حد ڳوٺ جميل مري ۾ 35 ورھين جي اعجاز مري کي سيني ۾ گولي لڳل حالت ۾ ڦلھڏيون اسپتال آندو ويو، جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ميرپورخاص اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب وارثن ٻڌايو ته همراهه کي پسٽل صاف ڪندي اتفاقي گولي لڳي آھي، زخمي خود ٻڌائي رھيو ھو آئون علاج بعد تفصيل ٻڌائيندس ۽ ڳالھه لڪائي رھيو ھو، ڊاڪٽر موجب گولي پنهنجو پاڻ لڳي ھا ته ڦاسي پوي ھا، ھي گولي آر پار ٿيل آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.