ملير(رپورٽ: ناز شر ) ملڪ جي اڳوڻي ڊڪٽيٽر جنرل( ر)  پرويز مشرف جي فوجي اعزاز سان ملير ڇانوڻي جي فوجي قبرستان ۾ تدفين  ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ اعليٰ فوجي ۽ سول اختيارين، سياسي ۽ سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان ڏس ۾  دبئي ۾ لاڏاڻو ڪري ويل اڳوڻي صدر ۽ آرمي چيف (ر) جنرل پرويز مشرف جي جنازي نماز ملير ڪينٽ جي پولو گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ پرويز مشرف جي پٽ بلال مشرف، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جي سربراهه جنرل ساحر شمشاد مرزا، اڳوڻن آرمي چيفس جنرل (ر) قمر جاويد باجوه ۽ جنرل اشفاق پرويز ڪياني، اڳوڻي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جنرل (ر) احسان الحق، سينيئر عسڪري قيادت، ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر فاروق ستار،مصطفيٰ ڪمال، وفاقي وزير امين الحق، اڳوڻي وفاقي وزير فروغ نسيم، تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ فواد چوڌري،  سيد انور محمود، مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنازي نماز بعد جنرل (ر) پرويز مشرف جي فوجي اعزاز سان ملير ڪينٽ جي آرمي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي، تدفين جي موقعي تي سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا هئا، پرويز مشرف ڊگهو عرصو بيمار رهڻ بعد ٻه ڏينهن اڳ دبئي جي آمريڪن اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو، جنهن جي مڙهه کي خاص جهاز ذريعي ڪراچي آندو ويو هو