اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ اندر ستين ڊجيٽل آدمشماري پهرين مارچ کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي آدمشماري ڪرائڻ لاءِ مقرر عملي کي 16 کان 24 فيبروري تائين اپ ڊيٽ ٿيل ٽيبليٽس جي فراهمي کي مڪمل ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون آھن شماريات کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر رابعه اعواڻ پاران لکت ۾ جاري ڪيل هدايتن ۾ چيو ويو آھي ته ستين ڊجيٽل آدمشماري لاءِ پهرين بيچ کي اپڊيٽيڊ ٽيبليٽس جي فراهمي 16 فيبروري کان 18 فيبروري 2023 تائين، بيچ ٻه کي 19 کان 21 فيبروري 2023 ۽ ٽئين بيچ کي 22 فيبروري کان 24 فيبروري 2023 تائين اپڊٽيڊ ٽيبليٽس فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي