شاهه کان وڌيڪ شاهه جا وفادار نه ٿيو، اوهان سنڌ کي سردارن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران گمس نالو بحال

0
386
سکر جي عدالت: شهيد جان محمد مهر جي ڪيس جو مک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار
سکر جي عدالت: شهيد جان محمد مهر جي ڪيس جو مک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ پاران پاليسي خلاف سردارن، خانن، سياستدانن ۽ وڏيرن جا سرڪاري ادارن ۽ جڳهن تي نالا رکڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، مڪاني اداري جي اسپيشل سيڪريٽري ۽ ٻين آفيسرن کي ڇنڊ. غلط بياني ڪرڻ تي ريجنل ڊائريڪٽر کي ڪٽهڙي ۾ بيهاري ڇڏيو

جسٽس صلاح الدين پنهور رماڪس ۾ چيو ته سرڪاري ادارن تان خانن، نوابن ۽ سردارن جا نالا هٽائڻ جي حڪم تي عمل نه ٿيو ته واسطيدار عملدارن خلاف توهين عدالت واري ڪارروائي ٿيندي. تفصيل موجب گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس جو نالو تبديل ڪري پير عبدالقادر شاهه جيلاني ۽ ٻين سرڪاري ادارن تي سياسي ماڻهن جا نالا رکڻ واري ڪيس جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، ان دوران مڪاني ادارن جو اسپيشل سيڪريٽري، ريجنل ڊائريڪٽر انور علي رڪ ۽ ٻيا پيش ٿيا. جسٽس صلاح الدين پنهور گذريل ٻڌڻي تي سرڪاري ادارن تان سياسي ماڻهن جا نالا تبديل ڪرڻ متعلق ڏنل عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رماڪس ۾ چيو ته سنڌ کي سردارن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي، پاليسي آهي ته ڦلاڻي صاحب جو نالو لکڻ جو ارادو آهي، ان بابت اخبار ۾ اشتهار ڏئي پبلڪ کان به رايو وٺڻو آهي، اوهان ٻڌايو ته ڪٿي وڃي برش کڻي ڪهڙي عمارت ۽ روڊ تان نالا ڊاٿا آهن، صرف ها يا نه ۾ ٻڌايو وڃي

اوهان قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ عدالتي حڪم تي به عمل نٿا ڪيو اوهان سنڌ کي سردارن جي نالن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. جسٽس صلاح الدين پنهور رماڪس ۾ وڌيڪ چيو ته جتي جتي قانون جي خلاف ورزي ٿي آهي اتان نالا هٽايا وڃن، باب ڪنهن جي نالن سان آهن؟ اسپيشل سيڪريٽري صرف اهو ٻڌايو اوهان سنڌ ۾ رهو پيا هِتي آفيسر آهيو اوهان کي سنڌي نٿي اچي، پوءِ اسان کي ڪيئن گائيڊ ڪندا؟ بابن جي نالن ۾ سردار علي نواز خان مهر، خالد خان لنڊ، ڄام سيف الله مگسي ۽ ٻين جا نالا شامل آهن. ان موقعي تي مڪاني اداري جي ريجنل ڊائريڪٽر علي انور رڪ ٻڌايو ته اڪثر هنڌن تي بااثرن سرڪاري خرچ تي نه پنهنجي خرچ تي باب ٺهرايا آهن. ان تي جسٽس صلاح الدين پنهور رماڪس ۾ چيو ته جيڪي فقير کي پنج رپيا نٿا ڏئي سگهن ۽ برسات متاثرن جو 10 ڪلو اٽو ۽ خيما کائي وڃن ٿا، اهي 50 لک ۽ ڪروڙ خرچ ڪري گيٽ تعمير ڪرائيندا. ڪوڙ ڳالهائڻ تي ڇو نه اوهان کي جيل اماڻيو وڃي،  اوهان ريجنل ڊائريڪٽر آهيو، ڪٽهڙي ۾ بيهي قسم کڻو. ڪوڙ ڳالهائڻ تي اوهان کي نوڪري تان فارغ ڪري جيل موڪلينداسين. ايس ايس پي سکر  پيش ٿئي. اوهان شاهه کان وڌيڪ شاهه جا وفادار نه ٿيو

مڃون ٿا گهوٽڪي ۾ رهڻ ڏکيو آهي پر سچ ته ڳالهايو، حياتي جيتري آهي ان کان وڌي نٿي سگهي. ان بعد ريجنل ڊائريڪٽر انور علي رڪ ۽ سرڪاري وڪيل  عدالت کي استدعا ڪئي ته کيس معافي ڏني وڃي. جسٽس صلاح الدين پنهور رماڪس ۾ چيو ته ونڊ ورڇ ڪئي وڃي ٿي. هي ڦلاڻي صاحب ۽ خان جي نالي سان باب آهي. اوهان ڪٿي هيمون ڪالاڻي جو نالو ته ناهي لکيو، اهو ڪٿي لکڻ گهرجي ها. نثار صديقي جي تعليم جي ميدان ۾ خدمت آهي، ان جو نالو گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس مٿان نالو لکيو وڃي، ها لوڪل گورنمينٽ جي قانون تي عمل ڪيو، اوهان ڪمدار نه بڻجو. اسان شهيد بينظير ڀٽو جو نالو هٽائڻ لاءِ ناهي چيو، اهو ٺيڪ آهي ۽ گيٽ نه ٽوڙيا وڃن، صرف خانن ۽ سردارن جا نالا هٽايا وڃن

اسپيشل سيڪريٽري اوهان ڪراچي ۾ رهو پيا، هتي علائقا نوگو ايريا آهن، هتي جڏهن ڪنهن اداري لاءِ زمين ڏيڻ جي ڳالهه ٿيندي ته ڪو وڏيرو ۽ سردار نه زمين ناهي ڏيندو. عدالت پاران چيف سيڪريٽري ۽ مڪاني ادارن جي صوبائي سيڪريٽري کي سنڌ اندر مڪاني اداران جي طرفان پاليسي خلاف سرڪاري خرچ تي باب خانن. سردارن ۽ سياسي ماڻهن جي نالن سان ٽن هفتن کي هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت چيف سيڪريٽري جي سربراهيءَ ۾ تعليمي ادارن مٿان رکيل نالن جي حوالي سان ڪاميٽي جوڙيندي هدايت ڪئي آهي ته جيڪي پاليسي ۽ قانون موجب ڪهڙا نالا معيار تي لهن ٿا، ان بابت 23 فيبروري تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. وڪيل نثار ڀنڀرو موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ٽن هفتن اندر سرڪاري ادارن تي لڳل غيرقانوني نالا هٽائڻ جو حڪم ڏيندي چيف سيڪريٽري سنڌ، لاڳاپيل سيڪريٽريز کي عدالتي حڪم تي عمل درآمد ڪندي تصويرن سميت 23 فيبروري تائين تصويرن سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي